ٽنڊو فضل

ٽنڊو فضل: ضلعي ۽ تعلقي حيدرآباد ۾ هڪ ديهه جو نالو، جنهن ۾ هيٺيان ڳوٺ شامل آهن:
ٽنڊو فضل، پنهور، حاجي عبدالله رند، حاجي خان رند، حاجي بيگ رند، سونو عالماڻي، امام بخش عالماني، علي خان، عباس علي عالماڻي، حاجي مصري رند ۽ ڪولهي ڳوٺ.
ٽنڊي مير غلام حسين، لطيف آباد ڀرسان ٽنڊو مير فضل موجود آهي، جيڪو فضل محمد خان ٽالپر جو ٻڌايل آهي. هتي هڪڙي ڦٽل جهوني ماڙي آهي، جيڪا اڳوڻي ڳوٺ ’هنگوراڻيءَ‘ جي نشاني آهي. هن ٽنڊي کي هاڻي مير فضل ٽائون سڏيو وڃي ٿو.


لفظ ٽنڊو فضلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو